نيپال ۾ فٽ بال ٽيم جي 5 رانديگرن تي غداري جو ڪيس داخل

کٽمنڊو (اسپورٽس نيوز) نيپال جي فٽ بال ٽيم جي 5 رانديگرن تي 2011ع جي ورلڊ ڪپ دوران ڪواليفائينگ رائونڊ  ۾ ميچ فڪسنگ جي الزام هيٺ غداري جو ڪيس داخل ڪيوويو. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ مطابق پوليس جو چوڻ آهي ته نيپال جي فٽ بال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ساگر ٿاپا ۽ گول ڪيپر رتيش ٿاپا،سوڌو ٻين 3 رانديگرن کي گذريل مهيني حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ سندس بنيڪ اڪائونٽ مان غير قانوني پئسا به ڪڍيا ويا هئا.رانديگرن تي الزام آهي ته 2011ع جي ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ جي ميچن ۾ ڄاڻي واڻي گول ڪيپر ڪيترائي گول هٿ سان وڃايا،کٽمنڊو جي خاص عدالت جي هڪ عملدار بهدرا ڪلي  پوکرل جي مطابق،حڪومت گذريل مهيني  5 فٽ بال رانديگرن کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيوهو، سندن لاءِ عمر قيد جي سزا جي درخواست ڏني وئي ،پوکرل ٻڌا يو ته رانديگرن تي 1989ع جي قانون مطابق ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جنهن مطابق، جنهن به نيپال ملڪ جي خودمختياري، سلامتي، يا قومي اتحاد  کي خطري  ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.جنهن ۾ عمر قيد به ٿي سگهي ٿي.ياد رهي ته فٽ بال ٽيم ورلڊ گورننگ باڊي، فيفا هلندڙ ڏينهن ۾ بدعنواني ن ۽ ڪيترن ئي اسڪينڊلز جي ور چڙهي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *