
ڪراچي (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي چيو آهي ته ڊگهي عرصي کان اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته سنڌ جي عدالتن جو انفراسٽريڪچر بهتر ڪيو وڃي اڄ خوشي جهڙو ڏينهن آهي ته سنڌ حڪومت جي تمام پراڻي واعدي جي تڪميل ٿي رهي آهي سينٽرل جيل ۾ 20 اي ٽي سي عدالتون ٺاهيون وينديون جنهن جو اڄ پهريون فيز آهي جنهن تحت 6 عدالتن جي اڏاوت ڪئي ويئي آهي انهن عدالتن جي قيام جو مقصد ماڻهن کي جلد کان جلد انهن کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي هو اميد ڪري ٿو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سنڌ حڪومت وڌيڪ عدالتن جي قيام جون ڪوششون ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي جيل ۾ جڊيشل ڪمپليڪس جي نئين عمارت جو افتتاح ڪندي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي جسٽس امير حاني مسلم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد سجاد علي شاهه هاءِ ڪورٽ کي ججن اي ٽي سي جي ججن چيف سيڪريٽريز پراسيڪيوٽرز سميت ٻين اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي چيف جسٽس چيو ته اميد ڪيان ٿو ته اي ٽي سي جون عدالتون بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائينديون عدالت آئين پاڪستان جي تحت ٽيون ٿنڀ آهي جنهن جي ذميواري لڳائي ويئي آهي پر ان ۾ انتهائي اهم اهو آهي ته بغير انفرااسٽريڪچر جي ڪوبه ادارو پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو نٿو ڪري سگهي