نيون تڪبنديون، آئيني ترميم معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ نين تڪ بندين تي پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومي وضاحتون رد ڪري ڇڏيون. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هيٺ پارلياماني اڳواڻ جو اجلاس شروع ٿيو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي نويد قمر، تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير زاهد حامد، محمود اچڪزئي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا جنهن ۾ نين تڪ بندين جي آئيني ترميم تي پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف نين تڪ بندين تي حڪومتي وضاحتون رد ڪندي سخت تنقيد ڪئي، نويد قمر جو چوڻ هو ته ڇا توهان هڪ طرفي اتفاق راءِ تي ڳالهه ڪندا آهيو ۽ ٻئي پاسي بلڊوز ڪندا آهيو، هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ تي معاملو اٿاريو، نويد قمر چيو ته حڪومت ۽ اسپيڪر اهڙي ريت ايوان نٿا هلائي سگهن، ٻڌايو وڃي ته اهڙو فيصلو ڪرڻ کان پهرين اسان کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *