نيول چيف پاران جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو، آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي (م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان پاڪ نيوي چيف ايڊمرل آصف سنڌيلا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچاريو ويو. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر موجب پاڪ نيوي جي سربراهه آصف سنڌيلا جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو. نيول چيف آصف سنڌيلا جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهايو ويو. ياد رهي ته پاڪ نيوي جو سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا ملازمت جي مدت پوري ڪري آڪٽوبر تي ريٽائر ٿيندو جڏهن ته نئين سربراهه لاءِ ٽن نالن جو پينل تيار ڪيو ويو. وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله هن وقت نيوي جو سڀ کان سينئر آفيسر آهي. وائيس ايڊمرل حشام بن صديق ۽ وائيس ايڊمرل زيڊاين عباسي ان کان پوءِ ترتيبوار سينئر آفيسر آهن، پرپوءِ اها وزيراعظم جي صوابديد آهي ته هو ڪهڙي آفيسر کي نئون نيول چيف مقرر ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *