نيول چيف جي صدر ممنون حسين ۽ هوائي فوج جي سربراهه سان الوداعي ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو) صNNI30-20در مملڪت ۽ پاڪ فوج جي سپريم ڪمانڊر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪي دفاع ۾ پاڪ نيوي جو نهايت اهم ڪردار آهي، قوم پنهنجي دفاع کي يقيني بڻائڻ لاث وڏي کان وڏي قرباني لاءِ تيار آهي. هو پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا سان اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ پاڪ نيوي جي پيشيوراڻا معاملن تي ويچاريو ويو. ايڊمرل سنڌيلا صدر مملڪت کي پاڪ نيوي طرفان ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن، پاڪ نيوي جي جنگي سگهه ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني. صدر مملڪت پاڪ نيوي جي ترقي لاءِ ايڊمرل آصف سنڌيلا جي خدمتن کي واکاڻيندي مستقبل ۾ سندس ڪاميابين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف پاڪ نيوي جي ريٽائر ٿيندڙ سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا اڱاري ڏينهن ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو الوداعي دورو ڪيو ۽ پاڪ هوائي فوج جي چيف ايئر مارشل طاهر رفيق بٽ سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا جي پاڪستاني دفاع جي مضبوطي ۽ ٽنهي فوجن وچ ۾ گڏيل مضبوط حڪمت عملي جي حصول ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس ساراهيو. ايڊمرل آصف سنڌيلا ايئر چيف سان ڳالهين دوران قوم جي هوائي سرحدن جي سارسنڀال جي احساسِ ذميداري ۽ جذبي کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *