نيوز گيٽ اسڪينڊل ۾ شريف ڪٽنب جي ملوث هئڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن:پي ٽي آئي

اسلام آباد (اين اين آءِ/م،د) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته نيوز گيٽ اسڪينڊل ۾ شريف ڪٽنب جي ملوث هئڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن، ان معاملي کي دٻجڻ نه ڏبو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاناما ليڪس تي مسلم ليگ (ن) جي موقف ۾ تبديلي ۽ نيوز گيٽ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ (ن) آف شور ڪمپنين جي ملڪيت تي پنهنجي موقف تان ڦري وئي آهي ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ عدالت کان وقت گهريو ويندو آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته  حڪمران ڪٽنب جي آف شور ڪمپنين تي تڪراري بيان آيا ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) آف شور ڪمپنين جي ملڪيت تي پنهنجي موقف تان هٽي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام جي اڪثريت نواز شريف مان تنگ اچي چڪي  آهي، نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي، حڪومت نيوز ليڪس جي معاملي کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، پاناما ليڪس جو معاملو هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ هليو ويو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته نواز شريف جاچ تائين عهدي کان الڳ ٿي وڃي، هن چيو ته سيپٽمبر 2007 تي مان ايئر پورٽ تي موجود هيس، خواجه آصف ۽ خواجه سعد کان پڇيو وڃي ته 2007 ۾ ڪٿي هئا، عدليا بحالي جي تحريڪ ۾ ن ليگ نه آهي، پي ٽي آءِ نڪتي هئي، نومبر کان اڳ حالتون خراب ٿي رهيون هيون، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اسان کي احتجاج جي اجازت ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *