نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريلياپهچي وئي. (سڀاڻي) ٽوئر ميچ سان دوري جي شروعات ڪندي

ڪينبيرا(اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم برينڊن ميڪ ڪولم جي قيادت ۾ سوڀ جو ارادو ڪري آسٽريلياپهچي وئي. ڪيويز ٽيم (سڀاڻي) جمعي تي پرائيم منسٽر اليون خلاف ٽوئر ميچ سان دوري جي شروعات ڪندي. فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ريگيلور ڪپتان برينڊن ميڪ ڪولم جي جاءِ تي ٽوئر ميچ ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو. 50 اوورن تي ٻڌل ان پريڪٽس ميچ ۾ پهريون ڀيرو گلابي بال جو استعمال ٿيندو. ڪيويز ٽيم جي ڪوچ مائيڪ هيسن مطابق بي جي واٽلنگ ۽ ڪين وليمسن به ٽوئر ميچ ۾ ڪيويز ٽيم جو حصو نه هوندو. اميد آهي ته ڪپتان ميڪ ڪولم آسٽريليا اليون خلاف ٻه ڏينهن واري پريڪٽس ميچ کيڏندو. ڪيويز ٽيم دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ان کان علاوه 4 پريڪٽس ميچون به دوري ۾ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *