نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 10 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 10 ڊسمبر کان ڊونيڊن ۾ شروع ٿيندي، سريلنڪا جي ٽيم اڄڪلهه نيوزيلينڊ جي دوري تي آهي ۽ اها ميزبان ٽيم جي خلاف ٻن ٽيسٽپنجن ون ڊي ۽ 2 ٽي- 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 10 ڊسمبر کان ٿيندي، جنهن کان پوءِ ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 18 کان 22 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي، سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 26 جنوري، ٻئين ميچ 28 ڊسمبر، ٽئين ميچ 31 ڊسمبر، چوٿين ميچ 2 جنوري جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 جنوري تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *