نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مارٽن ڪرو ڪينسر وگهي 53 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مارٽن ڪرو ڪينسر جي مرض وگهي 53 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پرڏيهي ميڊيا مطابق مارٽن ڪرو نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ پنهنجا آخري پساهه کنيا، ڊاڪٽرن سيپٽمبر 2014ع ۾ کيس ڪينسر هجڻ جي تصديق ڪئي هئي ۽ سندس علاج هلي رهيو هو، مارٽن ڪرو جون آخري رسمون 11 مارچ تي آڪلينڊ جي هولي ٽرينٽي ڪيٿيڊرل ۾ ادا ڪيون وينديون، واضح هجي ته مارٽن ڪرو نيوزيلينڊ طرفان 77 ٽيسٽ ميچن ۾  45 ڏهائي 36 جي شرح سان 5444 ۽ 143 ون ڊي ميچن ۾ 38 ڏهائي 55 جي شرح سان 4704 رنسون ٺاهيون، پاڪستان خلاف 1992ع واري ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتاني به مارٽن ڪرو ڪئي هئي، سندس لاڏاڻي تي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي موجوده ڪپتان ڪين وليمسن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مارٽن ڪرو عظيم رانديگرهو، جيڪو سدائين ٽيم لاءِ هاڪاري سوچ رکندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *