نيوزيلينڊ سيريز کان پهريان قيادت ڇڏيان ها ته ماڻهو چون ها ته ڪپتان ڀڄي ويو: آفريدي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ان ورلڊ ٽي-20 کان پهريان ئي ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ٽيم ۾ ڪوبه دلير نه هو جيڪو پاڪستاني ٽيم جو بوجهه کڻي سگهي ۽ هو پاڻ به نيوزيلينڊ سيريز کان پهريان جيڪڏهن قيادت ڇڏي ها ته ماڻهو سمجهن ها ته ڪپتان ڀڄي ويو هڪ انٽرويو ۾ شاهد آفريدي چيو ته عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد پنهنجي غلطين جو احساس ڪن ۽ ماضي کي وساري ٽيم جي واپسي لاءِ وڌ کان وڌ محنت ڪن شاهد آفريدي 22 مئي تي ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ ويندو اڳوڻو ڪپتان ٻڌايو ته هو انگلينڊ ۾ پنهنجي فٽنيس تي ڪم ڪندو ۽ پنهنجي فرم مان سليڪٽر جو اعتماد حاصل ڪري قومي ٽيم ۾ واپس ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *