نين تڪ بندين سان ڪو به فائدو يا نقصان نه ٿيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين خورشيد شاهه چيو آهي ته ساهيوال پراجيڪٽ اڌ پنجاب کي ٽي بي جو مريض بڻائي ڇڏيندو ۽ ڪوئلي جي دونهين سان ماڻهو مرندا ته قتل جو ڪيس ته ٺهندو، اسلام آباد ۾ چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي شعبي ۾ مجموعي نقصانن ۽ چوري جو جائزو ورتو ويو، چيئرمين ڪميٽي خورشيد شاهه چيو ته جنهن ڏينهن بجلي جي درست قيمت وصول ڪئي وئي، بجلي جي چوري ختم ٿي ويندي، واپڊا اها ڳالهه سوچي ته بجلي جي چوري ڇو ٿي رهي آهي، جيڪڏهن هڪ رپئي جي جڳهه تي پنج رپيا قيمت وصول ڪندا ته چوريون ته ٿينديون، ڳوٺن ۾ بجلي چوري جو سبب ئي اوور بلنگ آهي، پنج سالن بعد پي ٽي سي ايل وانگر اوهان به گهر گهر وڃي عوام کي منٿون ڪندا ته بجلي وٺو پر ماڻهو بجلي نه وٺندا پر سولر تي اچي ويندا، خورشيد شاهه فضائي گدلاڻ ڦهلائڻ سبب ساهيوال ڪوئله پراجيڪٽ کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهو پراجيڪٽ حڪومت جي خلاف دفعه 302 جو ڪيس آهي، جيڪو اڌ پنجاب کي ٽي بي جو مريض بڻائي ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن ماڻهو دونهين سبب مرندا ته قتل جو ڪيس ته ٿيندو، ڪميٽي جي ميمبر نويد قمر چيو ته صارفن کي رڳو اوور بلنگ ڪئي پئي وڃي ۽ 90 سيڪڙو بل بنا ريڊنگ جي اماڻيا پيا وڃن، جڏهن ته صارفن کي ايوريج فارمولا لڳائي بل اماڻيا ويندا آهن، ڪميٽي جي ميمبر شفقت محمود جو چوڻ هيو ته بل آخري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ گهرن ۾ اڇلايو ويندو آهي ۽ مون کي به اڪثر هڪ ڏينهن اڳ بل ملندو آهي، اجلاس ۾ توانائي وزارت جي سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر صارفن کي درپيش ڏکيائين جو اعتراف ڪندي چيو ته سڀ ٺيڪ نه هلي رهيو آهي، بجلي جي اوور بلنگ ٿي رهي آهي ۽ بل دير سان به اماڻيا ويندا آهن، صارفن جي شڪايتن جي ازالي جو موثر نظام ٽن مهينن ۾ فعال ٿي ويندو. ٻئي طرف  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد جو چوڻ آهي ته نين تڪ بندين سان ڪو به فائدو يا نقصان نه ٿيندو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل پارليامين اڳواڻن جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 272 ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو آهي ته ننڍي چونڊ نين تڪ بندين جي تحت ٿيندي پر نين تڪ بندين سان ڪو به فائدو يا نقصان نه ٿيندو.  هن چيو ته آدم شماري تي خدشن جو معاملو الڳ آهي ۽ اِهو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، تڪ بنديون ضروري قدم آهي ان ڪري سمورين پارٽين اتفاق ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نين تڪ بندين جي آئيني ترميم تي سينيٽ کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *