نيشنل گيمز پشاور ۾ حصو وٺندڙ ڀيڻ، ڀاءُ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتا

 

پشاور: (اسپورٽس نيوز) پشاور ۾ شروع ٿيندڙ نيشنل گيمز هن وقت آخري مرحلن ۾ داخل ٿي رهي آهي. ان گيمز ۾ رانديگرن پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ پنهنجي انفرادي رڪارڊز ۾ بهتري سان گڏوگڏ نيشنل رڪارڊز به قائم ڪيا آهن.قومي گيمز ۾ ويٽ لفٽنگ جي ميدان ۾ ڀيڻ ڀاءُ گولڊ ميڊلز حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. صائمه منظور نيشنل گيمز ۾ 55 ڪلو گرام ڪيٽيگري جڏهن ته ان جي ڀاءُ زوهيب منظور 96 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو. صائمه منظور ۽ زوهيب منظور جو تعلق ويٽ لفٽنگ فيملي سان آهي ان جو پيءُ محمد منظور 1976ع جي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.صائمه منظور انٽرنيشنل ويٽ لفٽر آهي هو سائوٿ ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي به ڪري چڪي آهي. ملڪي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ صائمه منظور پنهنجي ويٽ ڪيٽيگري ۾ برتري قائم رکي آهي. 25 ساله صائمه منظور 6 ساله ٻار جي ماءُ آهي پر ان جي باوجود هو راند کي جاري رکندي پئي اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *