
اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي تعليم سول ۽ ملٽري آفيسرن جي تربيت ۽ دفاعي اسٽريٽجيز جي تڪميل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ليفٽيننٽ جنرل ظهير احمد بٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هن اين ڊي يو جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي ۽ ان امر جي تعريف ڪئي ته ادارو نه صرف فوجي ۽ سول آفيسرن کي بهترين تربيت فراهم ڪري ٿو پر پاڙيسري ملڪن جي سينيئر آفيسرن کي به جديد اسٽريٽجڪ ۽ سڪيورٽي پروگرام جي ترجيح ڏئي ٿو صدر ليفٽيننٽ جنرل نظيراحمد بٽ کي اين ڊي يو جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.