نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ چئني صوبن جي ثقافت جو مظاهرو قومي ٻڌي جي نشاني آهي: وڏو وزير

لاهور (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ چئني صوبن جي ثقافت جو مظاهرو قومي ٻڌي جي نشاني آهي. اهڙي قسم جي شو جي اهتمام سان ڀائپي ۽ محبت وڌي ٿي، مان پنجاب جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان جو هن قومي سطح جي هن شو ۾ گهرايو، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل هارش اينڊ ڪيٽل شو جي ٻئي ڏينهن خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير راڻا مشعود احمد خان ۽ خليل طاهر سنڌو، ايم اين اي پرويز ملڪ ۽ ڊي جي رينجرز ميجر خان طاهر جاويد خان، اعليٰ عملدار ۽ عوام جو وڏو انگ موجود هو، اقليت معاملن جي صوبايئ وزير خليل طاهر سنڌو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڀليڪار چيو، خاص مهمان کي بگي ۾ ويهاري سلامي لاءِ آندو ويو، ٻارڙن يونٽي ٽيبلو پيش ڪيو ۽ پاڪستان جو جهنڊو ٺاهيو9 جنهن کي ڏسندڙ ساراهيو، آرمي بينڊ قومي ترانن جون ڌنون پيش ڪيون، رينجرز جي جوانن ريڊ پريڊ جو شاندار مظاهرو ڪيو ۽ بندوق کي هٿ ۾ کڻي گهمائڻ جي شاندار پرفارمنس ڪئي، ان موقعي تي ڪيول ڪيڊ، نيزا بازي، گهوڙن جو رقص، ڊاگ ريس ۽ ٽي ٽي شو جو مظاهرو ڪيو، ملٽري پوليس جي جوانن موٽر سائيڪل تي بهتري ڪرتب ڏيکاريا، خاص طور تي جوڪر جي ڪرتب کي ٻارڙن ساراهيو، وڏي وزير چيو ته 11 سالن کانپوءِ نيشل هارس اينڊ ڪيٽل شو جي اهتمام تي محمد شهباز شريف مبارڪ لائق آهي، رينجرز جوانن جيڪي ڪرتب پيش ڪيا آهن اهي ڏسڻ وٽان ۽ متاثرڪن آهن، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي صوبائي وزير راڻا مشعود خان هارس اينڊ ڪيٽل شو جو سونيئر، جڏهن ته خليل طاهر سنڌو تصويرن جو البم پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *