نيشنل ايڪشن پلان قوم سان مذاق آهي، هڪ ٽڪي جو به ڪم نه ٿي رهيو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ڪورٽ  اين جي اوز جي فنڊنگ ۽ استعمال بابت تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته ايڪشن پلان ۽ نيب عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ٺاهيا ويا، ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ايڪشن پلان تحت اين جي اوز خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ اين جي اوز جي رجسٽريشن بابت داخل درخواست هيٺ ٻڌڻي دوران  تي ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي  چيو ته نيب ۽ ايڪشن پلان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ جوڙيا ويا. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کي مذاق بڻايو ويو ۽ ان تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي. جسٽس عظمت سعيد جو چوڻ هو ته ايڪشن پلان تحت دهشتگردن کي فنڊنگ روڪي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته غير رجسٽرڊ اين جي اوز خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ٿي؟ عدالت جو چوڻ هو ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿي ڪرائي سگهي. جسٽس جواد ايس خواجه رمارڪس ۾ چيو ته غير رجسٽرڊ اين جي اوز خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ٿي؟ جسٽس مقبول باقر پنهنجي ريماڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته وزير اعظم هائوس جو خرچ ڪيترو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *