نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ آپريشن جي حمايت ڪري ڇڏي

سکر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ ڪوتاهيون موجود هجڻ بابت وزيراعظم اعتراف ڪيو هو، انهن ڪوتاهين کي ختم ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽي وڃي. گرلز ڊگري ڪاليج سکر ۾ گلن جي نمائش جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي جامع انداز سان عمل نه پيو ڪيو وڃي جنهن ڪري دهشتگرديءَ جا واقعا مڪمل طور تي ختم ناهن ٿي سگھيا. سيد خورشيد احمد شاهه پنجاب ۾ آپريشن جي حمايت ڪندي چيو ته دير آيد درست آيد تحت الله ڪري ته سيڪيورٽي فورسز کي وڏيون ڪاميابيون ملن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ بهتر سوچي ٿي، تنهنڪري موجوده صورتحال ۾ نه ڪو مطالبو ڪبو ۽ نه ئي سياست ڪبي. هي جيڪو ڪجهھ ٿي رهيو آهي ڪو هڪ صوبو نه پر سڀ صوبا ۽ پورو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته قوم ۽ فوج جي هڪ پيج تي نه هجڻ جي ڳالھه نه ڪئي وڃي. دهشتگردي خلاف جنگ واري نقطي تي پوري قوم هڪ هنڌ بيٺل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *