نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جا نتيجا نظر اچڻ گهرجن: وزيراعظم

ڪوئيٽا(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان جا ڪجهه نقطا ڏکيا آهن سڀني تي عمل ڪرڻ آسان ناهي، ايڪشن پلان تي فوج ۽ سول قيادت هڪ پچ تي آهن، صوبا پلان تي اثرائتي نموني عمل ڪن، وفاق صوبن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس بلوچستان ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعليٰ عبدالمالڪ بلوچ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ فوجي عدالتن جي منظوري ڏئي چڪي آهي، قومي ايڪشن پلان اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، بلوچستان حڪومت جي مڪمل مدد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ايڪشن پلان جا ڪجهه نقطا ڏکيا آهن پر قومي سلامتي لاءِ انهن تي عمل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خوشي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ فوجي قيادت گڏ ويٺي آهي، سياسي ۽ فوجي قيادت وڏي غور ويچار کانپوءِ ايڪشن پلان جوڙيو، قومي حڪمت عملي تحت 21 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني وئي، سمورا صوبا پلان تي اثرائتي نموني عمل ڪن.. اجلاس ۾ صوبائي حڪومت ايڪشن پلان تي عمل جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي غور ويچار ڪيو ويو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دفاع وارو وزير خواجه آصف، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اڳوڻو وزيراعظم ظفرالله خان جمالي، مسلم ليگ ن جو صوبائي صدر ثناءُ الله زهري ۽ ٻيا شريڪ آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *