هڪ ارب 60 ڪروڙ جي ڪرپشن جو الزام، آغا سراج دراني خلاف ريفرنس داخل

ڪراچي (اين اين آءِ) نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، خميس تي عدالت ۾ نيب پاران ريفرنس داخل ڪيو ويو، ريفرنس ۾ آغا سراج دراني جي زال، پٽ، 4 نياڻيون هڪ ڀاءُ ۽ نوڪر سميت 20 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته سراج دراني هڪ ارب 61 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ٺاهيا آهن، آغا سراج دراني ۽ ٻين گهرڀاتين کان 11 ڪروڙ رپين جون قيمتون گهڙيون ۽ لاڪر مان ساڍا 3 سئو تولا سون هٿ آيو، غير قانوني اثاثن ۾ گهر ۽ 35 گاڏيون شامل آهن، ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته آغا سراج دراني غير قانوني طور ٺاهيل پراپرٽيون وڪرو به ڪيون آهن، اثاثن ۾ 11 گاڏيون، پٽ، زال  ڌيئرن جي نالي تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتون آهن، جاچ دوران آغا سراج دراني 8 ڪروڙ آمدني ٻڌائي هئي، خميس تي آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ٻڌڻي ٿي، نيب جي جاچ آفيسر ريفرنس عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب پاران جمع ڪرايل ريفرنس جي ڪاپي آغا سراج دراني جي وڪيل کي فراهم ڪئي وئي، ريفرنس پراسيڪيوٽر پاران عدالت ۾ ريفرنس جي ڪاپي اڃا تائين جمع ناهي ڪرائي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته وڌيڪ ڪيترا ڏينهن گهرجن عدالت کي ڪاپي فراهم ڪرڻ ۾، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 3 کان 4 ڏيهن لڳندا، آغا سراج دراني جي وڪيل ٻڌايو ته سندس هڪ درخواست اڃا به التوا ۾ آهي، ريفرنس اڃا ٻڌڻي جوڳو نه آهي تنهنڪري عدالت پابند ناهي ته ريفرنس کي لازمي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري، عدالت آغا سراج دراني جي عدالتي ريمانڊ ۾ 17 جون تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *