
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نيب ۽ رينجرز اهلڪارن لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب ڪراچي ۾ سوڪ سينٽر وٽ نيب ۽ رينجرز اهلڪارن ڪي ڊي اي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران اهلڪار ڊپارٽمينٽ جو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته نيب ۽ رينجرز اهلڪار گلستان جوهر اسيڪم 36 جو سمورو رڪارڊ کڻي ويا آهن.