نيب ۽ ايف آءِ اي کي پنجاب ۾ به ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نيب ۽ ايف آئي اي کي هاڻ پنجاب ۾ ڪرپشن جي خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي هڙتال جي موٽ نه ملڻ تي سنڌ جو عوام خوش آهي،قومي ايڪشن پلان جي اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند ونگز جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويوهو.نندي پور پروجيڪٽ ۽ ميٽرو بس جي اڻ ڌري آڊٽ ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران چيو ته قوم چورن ۽ ڪرپٽ ماڻهن مان تنگ اچي وئي آهي،جڏهن ته سندس پارٽي قومي ايڪشن پلان جي حمايت ڪري ٿي. عمران خان چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ ملڪ کي لٽيو پيو وڃي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند ونگز جي خاتمي جو فيصلو ڪيو ويو هو. هن چيو ته ايف آئي اي ۽ نيب پنجاب ۾ به ڪرپشن ۾ ملوث ڌرين جي خلاف ڪارروائي ڪن. هن چيو ته متحدا جي هڙتال کي موٽ نه ملڻ تي سنڌ جو عوام خوش آهي.ڪراچي جا ماڻهو خوش آهن ته ڪرپٽ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مان دعوت ڏيان ٿو ته خيبرپختون خوا جي ڪرپٽ اڳواڻن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عمران خان چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪارروائي جي وڌيڪ ضرورت پنجاب ۾ آهي. هن چيو ته ڏکيائن جي باجود ملڪ نئين پاڪستان طرف وڌي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته ٽيهه سيڪڙو گيس خيبرپختونخوا مان نڪري رهي آهي، حڪومتي ٺاهن تي خيبرپختون خوا جي عوام کي به اعتراض آهن. هن چيو ته قطر کان ايل اين جي گيس امپورٽ ڪئي وئي آهي، ان جي آڊٽ ٿيندي ته ڪرپشن جا سمورا ريڪارڊ ٽٽي ويندا. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ڳٺ جوڙ آهي. هن چيو ته ميٽرو بس وارو پروجيڪٽ انتهائي مهانگو آهي، ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. عمران خان چيو ته نندي پور پروجيڪٽ جي اڻ ڌري آڊٽ ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *