نيب ۽ احستاب ڪميشن ڪي پي ڪي جي موجوده وزير، ڪمشنر بنون ۽ اڳوڻي وزير سميت ٻين کي گرفتار ڪري ورتو

پشاور(اي پي پي) نيب ۽ خيبرپختونخواه جي احتساب ڪميشن خميس ڏينهن بدعنواني جي الزام هيٺ خيبرپختونخواه جي معدني ترقي واري صوبائي وزير ضياءُ الله آفريدي، پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير ۽ ڪمشنر بنون عصمت الله گنڊاپور سميت 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. احتساب ڪميشن جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته ضياءُ الله آفريدي کي غيرقانوني کاڻين کي تحفظ فراهم ڪري قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. احتساب ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته آفريدي معدني کاڻين جون ليزون ڏيڻ ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال پڻ ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت صوبي اندر وڏن منصوبن جي جائزي وٺڻ جي ذميواري ضياءُ الله آفريدي حوالي ڪئي هئي. هوڏانهن نيب خيبرپختونخواه پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وزير نوابزاده محمود زيب ۽ بنون جي موجوده ڪمشنر عصمت الله گنڊاپور کي انتظاميا ۽ معدني ترقي واري کاتي جي 9 عملدارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. اڳوڻي وزير نوابزاده محمود زيب ۽ عصمت الله گنڊاپور معدني ترقي واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ مبينه طور تي فاسفيٽ جا سرڪاري ذخيرا غيرقانوني طور تي هڪ اسڪول ٽيچر رخسانه جاويد کي الاٽ ڪيا جنهن سان قومي خزاني کي 36 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو. جوابدارن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن شاهه ولي خان، تڏهوڪو ايڊيشنل سيڪريٽري معدني ترقي ۽ موجوده ڪمشنر بنون عصمت الله گنڊاپور، سيڪشن آفيسر فرهاد عيل، خان بادشاهه، نوروز خان، زيارت خان، شاڪر الله، پرويز خان ۽ احتشام الملڪ پڻ شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *