نيب ڪيسن ۾ ضمانت جي گنجائش گهٽ آهي، خورشيد شاهه پنهنجي گهر ڀاتين جي ملڪيت تسليم ڪئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م.ڊ) نيب ڪيسن ۾ ضمانت جي گنجائش گهٽ آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه پنهنجي گهر ڀاتين جي ملڪيت تسليم ڪئي: سپريم ڪورٽ ۾ پ پ ايم اين اي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران ججز جا ريمارڪس، جسٽس يحيٰ چيو  ته اثاثن جي وضاحت ڪري سگهڻ جي صورت ۾ هاڻ دليل ممڪن آهن، عدالت رضا رباني کي تياري جو وقت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي:سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس تي ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه پيش ٿيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اپوزيشن سان ڳالهين جو موقعو وڃائي ڇڏيو، لاهور واري جلسي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *