نيب ڪراچي ۾ ريفارم سپورٽ يونٽ جي دفتر تي ڇاپو، ڊائريڪٽر سميت 4 ملازم سوگها

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ماتحت اداري ريفارم سپورٽ يونٽ جي دفتر تي ڇاپو هڻي ڊائريڪٽر صبا محمود سميت 4  ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، ريفارمز سپورٽ يونٽ تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام هئا. سومر ڏينهن يب ذريعن موجب تعليم کاتي جي ماتحت اداري ريفارمز سپورٽ يونٽ جي دفتر تي ڇاپو هنيو، مالي بي ضابطگين جي نشاندهي تي آڊٽ اعتراضن جي روشني ۾ ڇاپو هنيو ويو، ريفارمز سپورٽ يونٽ تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام هئا، ڇاپي دوران ريفارمز سپورٽ يونٽ جي ڊائريڪٽر صبا محمود سميت چئن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *