نيب ڏيڍ سئو ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ ترميمي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيب ڏيڍ سئو ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ ترميمي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  وزيراعظم نواز شريف خلاف غير قانوني ڀرتين ۽  آصف علي زرداري خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ  تي جاچ هلي رهي آهي، اسحاق ڊار، شهباز شريف ۽ حسين حقاني خلاف به جاچ  ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ نيب، ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ترميمي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ تصديقي خانو ۽ شڪايت ڪندڙ جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف خلاف غير قانوني ڀرتين تي ريٽائرڊ جنرل ايڇ ايم انصاري جي شڪايت تي جاچ هلي رهي آهي، نواز شريف خلاف شڪايت 1999 ۾ داخل ڪئي وئي. رپورٽ موجب، وزيراعظم نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف مخبر جي رپورٽ تي سڌيءَ ريت جاچ جو به حڪم ڏنو ويو. نيب موجب، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ جاچ هلي پئي پر آصف علي زرداري خلاف جاچ ڪنهن جي حڪم تي شروع ڪئي وئي ۽ شڪايت ڪندڙ ڪير آهي، ان بابت ڄاڻ ناهي ملي سگهي. نيب رپورٽ موجب، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف 2000 ۾ مخبر جي رپورٽ تي جاچ شروع  ڪئي وئي، ، جڏهن ته حسين حقاني ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي 15 جولاءِ تي ٿيندي، عدالت گذريل ٻڌڻي تي نيب جي رپورٽ رد ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *