نيب ڊاڪٽر عاصم خلاف 5 الزامن تي ٻڌ ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب پئٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم خلاف 5 الزامن تي مشتمل ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن جي عدالت منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري اعجاز چوڌري سميت 5  ٻين  جوابدارن کي  به نامزد ڪيو ويو آهي.نيب پاران ڊاڪٽر عاصم خلاف احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايل ريفرنس 40 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته شاهدين بابت 3074 صفحن تي مشتمل رپورٽ به شامل آهي. ڊاڪٽر عاصم خلاف نيب پاران احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايل ريفرنس ۾ سندس خلاف 5 الزام لڳايا ويا آهن، جن ۾ پهريون الزام حڪومتي پاليسي خلاف گئس جي لوڊشيڊنگ جي نالي تي ڀاڻ جي ڪارخانن کي سپلاءِ گهٽ ڪرڻ ۽ ٻاهران ڀاڻ گهرائي قومي خزاني کي 450 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ آهي. ڊاڪٽر عاصم تي ٻيو الزام ڪڪ بيڪ، ٽيون الزام مني لانڊرنگ، چوٿون الزام ضياءُ الدين ٽرسٽ جو ناجائز استعمال ۽ پنجون الزام سرڪاري زمينن تي قبضي جو لڳايو ويو آهي. ڊاڪٽر عاصم خلاف داخل ڪرايل ريفرنس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري چوڌري اعجاز، ضياءُالدين اسپتال جي فنانس مئنيجر عبدالحميد، ڪي ڊي اي جي ٻن اڳوڻن ڊائريڪٽرز اطهر حسين ۽ مسعود حيدر کي به شامل ڪيو ويو آهي. ريفرنس ۾ ڪراچي ڊاڪ ليبر جي سي اي او صفدر حيدر کي به جوابدار ڄاڻايو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *