نيب چيئرمين سپريم ڪورٽ ۾ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) چيئرمين نيب قمرزمان چوڌري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان انور ظهير جمالي سان ملاقات ڪئي آهي جمعي تي چيئرمين نيب قمرزمان سپريم ڪورٽ آيو ۽ چيف جسٽس انور ظهير جمالي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ جسٽس انور ظهير کي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي چيئرمين نيب کيس نيب جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ان موقعي تي ڪرپشن ڪيسن بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي ويئي خانگي ٽي وي ذريعن موجب ملاقات دوران نيب ۾ قائم ڪيسن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ پهچڻ جي موقعي تي چيئرمين نيب صحافين جي سوالن جي جواب تي کلندي لنگهي ويو ۽ چيو ته جمعي جي نماز جو وقت آهي اچو ته نماز پڙهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *