نيب پاران پيرمظهر، مراد علي شاهه ۽ اسلم رئيساڻي خلاف ڪرپشن بابت جانچ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) نيب جي چئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو. نيب جي ترجمان چيو ته اجلاس ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ اسلم رئيساڻي جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، اسلم رئيساڻي جي خلاف 3 نائب تحصيلدارن جي خلاف مقرري جي قانون تي جاچ ٿيندي. ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهرالحق جي خلاف نقلي ڀرتين، سنڌ جي اڳوڻي آبادي واري وزير علي مردان شاهه جي خلاف ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي جاچ به ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *