
سکر (اين اين آءِ) احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، خورشيد شاهه کي ويل چيئر تي عدالت ۾ آندو ويو، سومر تي سکر جي عدالت ۾ خورشيد شاهه جي خلاف ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب ٽيم پاران خورشيد شاهه کي 15 ڏينهن ريمانڊ پورو ٿيڻ تي جج امير علي مهيسر جي موڪل تي هئڻ سبب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان کان اڳ ٻڌڻي وقت خورشيد شاهه کي آڻڻ بنا نيب جي ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي ۽ عدالت کان خورشيد جو وڌيڪ ريمانڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، پر عدالت خورشيد شاهه کي پيش ڪرڻ کانسواءِ ريمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد بيمار آهي، سفر نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته جج نيب کي هڪ ڪلاڪ اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نيب جي ٽيم اين آءِ سي وي ڊي اسپتال پهتي جتان پ پ جي بيمار اڳواڻ خورشيد شاهه کي ايمبولنس ۾ عدالت آندو ويو، ان موقعي تي جج خورشيد شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته کيس ڪا پريشاني ته نه آهي جنهن تي خورشيد شاهه سندس ڳالهه جو ڪنڌ ڌوڻي انڪار ۾ جواب ڏنو، ٻڌڻي جي موقعي تي خورشيد شاهه جي ميڊيڪل بورڊ پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويوآهي ته خورشيد شاهه دل جو مريض آهي، سندس دل جا 3 وال بند آهن، شريانيون به بند آهن، کيس اين جيو اي پلاسٽي ۽ اين جيو گرافي ذريعي کوليون ويون آهن ۽ کيس 15 ڏينهن تائين آبزويشن تي رکيو ويندو، ٻڌڻي وقت جج خورشيد شاهه جو وڌيڪ 5 ڏينهن جو ريمانڊ ڏيندي نيب کي ٻيهر 9 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.