نيب نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزير اعظم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي جي خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال تي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيب طرفان جاري ڪيل پريس ريليز موجب چيئرمين نيب جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻن وزير اعظمن نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. جاري ڪيل پريس ريليز موجب نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي خلاف اختيارين جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، ٻنهي شخصيتن قانون جي خلاف من پسند ڪمپني کي 15 ورهين لاءِ ايل اين جي ٽرمينل جو ٺيڪو ڏنو جنهن سان قومي ناڻي کي مبينا طور تي اربين رپين جو نقصان ٿيو. اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي ان جاچ ۾ پيٽروليم جي اڳوڻي وزير طور شامل ڪيوويو آهي. نيب پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايگزيڪٽو بورڊ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، ثقافت کاتي واري اڳوڻي سيڪريٽري ٽورزم اينڊ اينٽيڪ ڊيپارٽمنٽ حڪومت سنڌ جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ ٻين جي خلاف پڻ جاچ جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي مبينا طور تي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي سنڌ ثقافت فيسٽول 2014 ۾ قانون جي خلاف ٺيڪو ڏنو ۽ ڪرپشن جو الزام آهي جنهن ۾ قومي ناڻي کي تقريبن 127 ملين رپين جو نقصان پهتو. نيب ايگزيڪٽو بورڊ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير، لڳاپيل سڪريٽرين، چنيوٽ کان اڳوڻي ايم پي اي ۽ رمضان شوگر ملز لميٽڊ چنيوٽ جي انتظاميا خلاف جاچ جي منظوري ڏني. جوبدارن تي مبينا طور تي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي وڏو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. پريس ريليز موجب نيب ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وائس ايڊمرل ريٽائرڊ احمد حيات، اڳوڻي جنرل مينيجر ڪي پي ٽي بريگيڊيئر ريٽائرڊ سيد جمشيد زيدي ۽ ميسرز ڪراچي انٽرنيشنل ڪينٽينرز ٽرمينل جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن مٿان مبينا طور تي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي غيرقانوني طور تي ڪنٽريڪٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي تقريبن 21 ارب رپين جو نقصان پهتو. ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير شيخ جعفر خان ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر واٽر مينجمنٽ عبدالطيف خان جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني، جوابدارن تي مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب بورڊ بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير عبيدالله ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني آهي، جوابدارن تي مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي فنڊن ۾ ڳوٻهين ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي وڏو نقصان ٿيو.نيب ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر۽ عبدالله خانم سيڪريٽري گلگت بلتستان قانون ساز اسمبلي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين جي خلاف قانوني جاچ جي منظوري ڏني آهي، جوبدارن تي مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي وڏو نقصان پهتو. قومي احتساب بيور جي جاري ڪيل پريس رليز موجب ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي ايم پي اي تحصيل ڪوٽ ادوجواد ڪامران کر ۽ ٻين جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي، جوابدارن تي مبينا طور تي مظفرڳڙهه ۾ دستاويزن ۾ خرد بُرد ڪري سرڪاري ايراضي الاٽ ڪرائڻ جو الزام آهي. ان کان سواءِ ايگزيٽو بورڊ پيراگون هائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميا ۽ بين جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *