نيب ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب ملڪ کي تماشو بڻايو ان سان ملڪ کي ذلت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيو ملي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جيٽ فيول جي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪري ۽ 2 ارب 37 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد انڪوائري مڪمل نه ٿيڻ تي نيب پراسيڪيوٽر منصف جان ايڊووڪيٽ ۽ جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 14 ڏينهن ۾ انڪوائري ۽ هڪ مهيني ۾ ڪيس فائنل جي قانوني پابندي آهي. عدالت نيب کان جوابدار خلاف ڪيس جي تفصيلي رپورٽ سڀاڻي طلب ڪري ورتي. جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ سال ٿي ويو آهي نب کان انڪوائري مڪمل ناهي ٿي رهي. هنن پڇاڻو ڪيو ته ڇا جاچ آفيسر نيب معاملو ڪهڙو آهي ڇا توهان پيسا کائي رهيا آهيو؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيو آهيان، جسٽس گلزار چيو ته توهان جي ايمانداري اسان ڏٺي آهي.  جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته کن کولي ٻڌو، نيب اختيارين کي سمهڻ جي اجازت ناهي، هٿ وڌا آهن ته ان کي انجام تائين پهچايو. معزز جج جو چوڻ هو ته ملڪ جون پاڙيون کوکليون ٿي رهيون آهن، اهو ٻڌڻ پئي چاهيو ته ٻڌو، نيب ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي، نيب ملڪ کي تباه ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *