نيب طرفان نواز شريف خلاف پهريون ايون فيلڊ ريفرنس جو ٽرائل مڪمل ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف احتساب عدالت ۾ پهريان ايون فيلڊ ريفرنس جو ٽرائيل مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سومر تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب پاران داخل ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي نامزد ٽئي جوابدار نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر عدالت جي ڪمري ۾ موجود رهيا ٻڌڻي شروع ٿي ته نوازشريف ٽنهي ريفرنسز ۾ واجد ضياء جو بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفرعباسي ايتراض واريو ۽ چيو ته شاهد ڪٽهڙي ۾ پيش ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هي نئين درخواست آندي آهي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نوازشريف جي وڪيل واجد ضياء تي جرح کان اڳ ٽنهي ريفرنسز ۾ بيان جو سوچيو وڃي وڪيل ڪارروائي کي بلڊوز ڪرڻ چاهي ٿو ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي اپيل ڪئي ته اسان پهرين مرحلي ۾ لنڊن فليٽس ريفرنس جو ٽرائيل مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا نيب جي جاچ آفيسر عمران ڊوگر صرف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جاچ ڪندڙ آهي ان لاءِ پهريان ان جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته استغاثا جي شاهدن جي ترتيب پراسيڪيوشن جو قانون اختيار آهي واجد ضياء کان پوءِ فطري طور تي اڳيون شاهد آهي ان موقعي تي نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث پاران متفرق درخواست جمع ڪرائي ويئي جنهن ۾ چيو ويو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جاچ آفيسر جو بيان رڪارڊ ڪرڻ سان اسان جو دفاع متاثر ٿيندو احتساب عدالت جي جج جاچ آفيسر عمران ڊوگر جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو فصيلو ڪندي چيو ته وڪيل جي درخواست تي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو عمران ڊوگر بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر طور نيب لاهور ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان نيب ريفرنسز جي جاچ شروع ڪئي ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب هيس عمران ڊوگر ٻڌايو ته 28 جولاءِ 2017 جي فيصلي کان پوءِ مجاز اٿارٽي جاچ لاءِ مقرر ڪيو ۽ 3 آگسٽ 2017 تي ايون فيلڊ پراپرٽيز بابت جاچ سونپي مجاز اٿارٽي نوازشريف، مريم نواز حسن ۽ حسين نواز سميت ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کان جاچ ڪرڻ لاءِ چيو نيب جي گواهه چيو ته جوابدارن کان جاچ ايون فيلڊ پراپرٽي بابت هئي سپريم ڪورٽ کان حاصل جي آءِ ٽي جا واليم هڪ کان واليم 9 اي ريفرنس جو اهم جز آهن ان موقعي تي خواجه حارث اعتراض اٿاريندي چيو ته هي جي آءِ ٽي رپورٽ ڪيئن پيش ڪري سگهن ٿا جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ هڪ دستاويز آهي جيڪا ثبوتن طور حاصل ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *