نيب سنڌ ۾ ٺيڪ ڪيو هو جڏهن پنجاب جو رخ ڪيو ته غلط آ: مولابخش چانڊيو

ٽنڊوالهيار (نمائندو) جيلن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي تشدد ڪري وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي ڳالهه غلط آهي. اطلاعات بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي جيلن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي تشدد ڪري وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي ڳالهه غلط آهي، ناڪامي لڳائڻ لاءِ مٿن الزام هنيا پيا وڃن. ٽنڊوالهيار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊئي چيو ته ڪراچي جي ماڻهن متحده کي مينڊٽ ڏنو، جنهن کي هو تسليم ڪن ٿا. هن چيو ته ويچاري فاروق ستار پريس ڪانفرنس دوران شهر مان صفائي مهم جي ڳالهه ڪئي يا ڌمڪيون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته نيب سنڌ ۾ ٺيڪ ڪيو هو جڏهن پنجاب جو رخ ڪيو ته غلط آهي.صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ جي تبديلي عدالتي حڪم   تحت نه ٿي پر قانون جي بالادستي قائم ڪئي وئي آهي. مولابخش چانڊئي چيو ته هو مڃين ٿا ته سنڌ جي ماڻهن جي ايتري خدمت ناهن ڪري سگهيا، ڪارڪنن سان گهڻو وقت جيل ۾ گذرايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *