نيب سنڌ ۽ پنجاب جي اهم شخصيتن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيب سنڌ ۽ پنجاب جي اهم شخصيتن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي خلاف ڪرپشن جي جاچ ٿيندي، ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي حيدرآباد جي اڳوڻي چيئرمين عبدالستار خلاف جاچ ۽ سنڌ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايم ڊي نويد ضرار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني وئي، اڳوڻي آڊيٽر جنرل بلند اختر راڻا، وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ظفر اقبال ۽ اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين عابد جاويد خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي.اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو ڪاميٽي بورڊ جو اجلاس ٿيو..اجلاس ۾ اڳوڻي آڊيٽر جنرل بلند اختر راڻا خلاف ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ واري معاملي تي جاچ جو حڪم ڏنو ويو.اجلاس ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي خلاف جهنگلي جيوت کاتي ۾ ڪرپشن جي جاچ ۽ سيد علي نواز شاهه خلاف شڪايتن جي تصديق ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي حيدرآباد جي اڳوڻي چيئرمين عبدالستار خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌ ڪوآپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي ايم ڊي نويد ضرار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني وئي.اجلاس ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ظفر اقبال ۽ اين آءِ سي ايل جي اڳوڻو چيئرمين عابد جاويد خلاف به جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ايم سي بي بئنڪ جي نجڪاري ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي..نيب جي اجلاس ۾ ليگي ايم اين اي افتخار الحسن، اڳوڻي صوبائي وزير ظهيرالدين، ايم اين اي راڻا اسحاق، پي سي بي جي اڳوڻي چيرمين ذڪا اشرف ۽ اڳوڻي ايم ڊي سوئي ناردرن عارف حسين خلاف جاج بند ڪرڻ جي منظور ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *