نيب جي نگراني لاءِ ڪميٽي يا ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو، سڄي ملڪ جو احتساب ڪندڙ اداري جو احتساب ڪير ڪندو؟ رضا رباني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته ڪير به مقدس ڳئون ناهي، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، نيب جي نگراني لاءِ ڪميٽي يا ڪميشن جوڙي وڃي. ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته سڄي ملڪ جو احتساب ڪندڙ اداري جو احتساب ڪير ڪندو؟ هن چيو ته سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي صافشفاف ناهي، خاص عدالتن ۾ سڀني جو ٽرائل ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سياستدانن ڪرپشن ڪئي آهي پر باقي سڄو پاڪستان به صاف ناهي، ڪميٽي جوڙي وڃي ته اها ماضي جي غلطين کي به ڏسي. هن چيو ته مان ڪرپٽ سياسي ورڪرن جو بچاءُ نه ٿو ڪيان پر اسان کي هن ڌرتي لاءِ ئي جيئڻو ۽ مرڻو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستانيت تڏهن ايندي، جڏهن نوجوان اهو محسوس ڪندا ته اهي هن ملڪ جا مالڪ آهن. هن چيو ته نصاب مان پاڪستان جي تاريخ ڪڍي وئي آهي، پاڪستان جا نوجوان ملڪ جي تاريخ کان اڻڄاڻ آهن، جڏهن مان پاڻ پنهجي تاريخ کان اڻڄاڻ هوندس ته ٻين کي ڇا ٻڌائيندس؟ رضا رباني مطالبو ڪيو ته هڪ ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا ملڪي تاريخ مقرر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *