ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر ۾ نيب جي ٽيم ڪرپشن جي الزام هيٺ پراونيشنل هاءِ وي جي ايڪسئن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڇاڇري ۾ ٽائون آفيس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان هڪ پرائيوٽ ٺيڪيدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. سکر ۾ نيب جي ٽيم هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل پراوينشنل هاءِ وي جي ايڪسيئن عبدالنعيم سومري کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ايڪسيئن جي وڪيل ڪلپنا ديوي جو چوڻ هو ته عبدالنعيم سومرو عدالت ۾ پيشي تي آيل هو، ان باوجود کيس عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو ويو جيڪا درخواست گذار سان نا انصافي آهي. ڇاڇري ۾ نيب جي ٽيم ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هنيو. جنهن دوران ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ موجود نه هئا، جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود ننڍا ملازم نيب ٽيم کي ڏسي کسڪي ويا. ٽائون ڪميٽي ڇاڇري ۾ بدعنوانين جي شڪايتن تي ڪراچي کان آيل نيب جي ٽيم ڇاپو هنيو، جنهن دوران ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ موجود نه هئا. نيب ٽيم جي پهچڻ تي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو،ٽيم کي ڏسي ننڍا ملازم به کسڪي ويا. نيب جي ٽيم ڇاڇري جي ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ بعد ان کي تحويل ۾ ورتو. هوڏانهن نيب جي ٽيم ڪرپشن جي الزام هيٺ لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني مان پرائيوٽ ٺيڪيدار رياض عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.