نيب جا سنڌ جي 64 ادارن ڏانهن خط، ڪرپشن روڪڻ جي وارننگ

اسلام آباد(بيورو) نيب سنڌ جي 64 ادارن ۽ ذيلي ادارن کي غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي اوٽ ۾ قانون خلاف خريداري ڪرڻ  کان روڪي ڇڏيو آهي. نيب باضابطا خط لکي سنڌ جي سمورن ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته غير قانوني ڪم بند ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي . سنڌ ۾ عياشي ڪندڙ بيروڪريٽس تي حاڻي ڏکيو وقت اچڻ وارو اهي.پهرين ٻه آفيسر گرفتار ٿيا ۽ پوءِ هڪ اهم سيڪريٽري جي خلاف ڪيس هليو ۽ هاڻي نيب سنڌ جي هر اداري ۽ ذيلي ادارن کي لکت وارو نياپو اماڻي ڇڏيو آهي ته غير قانوني ٽينڊر جاري ڪرڻ بند ڪيو وڃي.انهن خطن ۾ لکي آهي ته مئي ۽ جون 2015 جي وچ ۾ مون سون موسم ۾ نالن ، دريائن، سم وارن نالن جي صفائي جي نالي تي غير قانوني ٺيڪا جاري ڪرڻ جو خبرون آهن جڏهن ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه جي اوٽ ۾ به غير قانوني خريداري ڪئي پئي وڃي. جيڪا پڻ بند ڪئي وڃي.نيب سمورن ادارن کي واضع ڪيو آهي ته نيب وٽ نيشنل اڪائونٽبلٽي قلم 1999 جي سيڪشن هيٺاختيار آهن ته هو ڪنهن به غير قانوني ٺيڪي جي نيلامي روڪي . ان ڪري سمورا ادارا قانون جي هيٺ شفاف طريقي سان ٽينڊر جاري ڪن. نيب پاران مليل ان خط کانپوءِ ڪيترن ئي بيروڪريٽس جا پگهر نڪري آيا آهن جڏهن ته نيب ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، حيدرآباد ڊولپمنٽ اٿارٽي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، ڪراچي انتظاميا، زراعت ۽ بين کي خطن جو ڪاپيون موڪلي ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *