نيب اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيب اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ راڻا مشهود تي الزامن سوڌو ٻين ڪيسن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اڳوني وزيراعظم تي رينٽل پاور رٿائن ۾ ڪرپشن جا الزام آهن، سنڌ بورڊ آف ريوينيو، سي ڊي اي ۾ بي ضابطگين جي جاچ به ٿيندي.ذريعن مطابق نيب راجا پرويز اشرف، اڳوڻي  پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري راڻا مشهود تي الزامن سوڌو ٻين ڪيسن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ بورڊ آف ريوينيو، سي ڊي اي ۽ اوڪاڙا بائي پاس ۾ بي ضابطگين جي جاچ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *