نيب انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي اگزيڪيوٽو بورڊ انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي به منظوري ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٿيو، جنهن دوران ڪرپشن جا وڌيڪ 3 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب بورڊ انور مجيد ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، مٿن مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ذريعي قومي ناڻي کي 34 ڪروڙ رُپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف جاچ (انويسٽيگيشن) شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران عالمي توڙي مقامي اين جي اوز ايس ڊي پي آءِ، فافن ۽ ايف اي او رورل پروگرام انتظاميا خلاف شاهديون نه ملڻ جي بنياد تي جاچ بند ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *