نيب اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ ۽ ٻين خلاف وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، اسٽيل مل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪمرشل ثمين اصغر به ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻَي چيئرمين معين آفتاب شيخ ۽ ٻين خلاف نيب وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻِي ڊائريڪٽر ڪمرشل ثمين اصغر به کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب مٿان ڀارت جي هڪ ڪمپني سان هڪ ڏهائي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪچو لوهه جي معاهدي ۾ حڪومت کي 188 ملين رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.واضح رهي ته نيب طرفان پاڪستان اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب معين مٿان بدعنواني جي الزام هيٺ اڳ به هڪ ريفرنس داخل ڪرايل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *