نيب آزاد ادارو آهي، حڪومت وڃي ته وڃي پنهنجن اصولن تي سمجهوتو نه ڪنداسين: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيب آزاد ادارو آهي جيڪو ڪنهن جي حڪم تي نٿو هلي ڀارت ۾ چونڊن سبب ڳالهن ۾ دير ٿي رهي آهي اسان کي تڪڙنه آهي ڳالهيون ضرور ٿينديون ڪرتار پور راهداري کولي اسان سکن جو پراڻو مطالبو حل ڪرڻ سميت محبت ۽ دوستي جو ثبوت ڏنو آهي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِاي ويزا سروس شروع ڪئي وئي آهي ڪنگال حڪومت ۽ مفلوج ادارا ورثي ۾ مليا پر ڪنهن جي اگيان هٿ نه ٽنگيو آهي اهڙو اظهار هن گڏريل ڏينهن عمرڪوٽ ۾ وفاقي پارليماني سيڪريٽري ايم اين اي لال مالهي جي رهائش گاهه تي هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو ، شاهه محمود قريشي چيو ته هو اڄ عمرڪوٽ ۾ پنهنجي ووٽرن جا ٿورا مڃڻ آيو آهي هتان جي عوام جي اسرار تي چونڊ وڙهيس ۽ هڪ لک پنج  هزار ووٽ حاصل ڪري سگهيس ۽ هو سمورن ووٽرن جو شڪر گزار آهي جن هن تبديلي ۾ سندس ساٿ ڏنو، هن چيو ته  14 هزار ووٽ ڊبل قرار ڏئي 8 هزار ووٽن تان شڪست ڏني وئي ، هن چيو ته هو اصولن جي پاسداري ڪري ٿو ۽ پي پي پي جي حڪومت ۾ لاهور جي ٽن شهرين جي قتل واري اصولي موقف تي هن وزارت تان استعيفا ڏني پر اصولن تي سودي بازي نه ڪئي ۽ اڄ کيسرب پاڪ عزت ڏني آهي ۽ هو وري ساڳي منصب تي فائز آهي هن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ جڏهن عوام فيصلو ڏئي ٿو ته ان اڳيان ڪو به بند نٿو ٻڌي سگهي هن چيو ته اڄ ساڻس ساٿ ڏيندڙن کي پريشان ڪيو پيو وڃي پوسٽل بيلٽ وسيلي ووٽ ڏيندڙن کي بدلي ڪيو پيو وڃي ۽ هنن کي هر حوالي سان پريشان ڪيو پيو وڃي ووٽرن کي پيئڻ جي پاڻي سميت زرعي پاڻي کان محروم رکيو پيو وڃي هو انهن مست هاٿين کان پڇڻ چاهي ٿو ته ڇا هنن کان ماضي جي تاريخ وسري وئي آهي شهيد ڀٽي جو ساٿ ڏيندڙن کي به پريشان ڪيو ويو هو پر اهي آمرن اڳيان نه جهڪيا ته هي ان عوام کي ڪيئن جهڪائي سگهن ٿا، هن چيو ته جمهوريت جي بالادستي جون ڳالهيون ڪندڙن اٻوجهه عوام کي ايذائي رهيا آهن پر اڄ جو عوام ڪڏهن به غلامي قبول نه ڪندو هن چيو ته ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي عوام پي پي پي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ ۾ به رڳو تبديلي جا نظارا نظر ايندا جڏهن ته گلگت بلتستسان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به تبديلي نظر اچي رهي آهي هن چيو ته سنڌ ۾ به ڪراچي جي عوام تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ اها تبديلي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ تمام جلدي نظر ايندي هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جيڪو اڳ پي پي پي جو ڳڙهه هو اتي به اڄ پي ٽي آءِ 14 ايم اين جون سيٽون کٽي ان کي به پي ٽي آءِ جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي تبديلي جي اها برسات عمرڪوٽ ۽ ٿر سميت سموري سنڌ ۾ وسندي هن عوام ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان نه ڊڄو پروردگار جي عدالت ۾ دير آهي پر انڌير نه آهي، اڄ سڄي سنڌ پي پي پي مان مطئمن ناهي 11 سالن جي حڪومتي دور ۾ پي پي پي وارن عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو چيف جسٽس جي ٿر جي اسپتالن جي دوري دوران رات وچ ۾ اسپتالن کي سينگاري عملي کي گهرايو ويو پر وري ساڳئي حالت آهي پي پي وارن کي عوام جو فڪر ناهي اڄ به ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن ٿر سڄو ضلعو پي پي جو هجڻ باوجود اتي ڪو ڪم نه پيو ٿئي هن چيو ته اسان کي روڪڻ وارن کي چوان ٿو ته جيسين سنڌ جي عوام سان ظلم بند نه ٿيندو هو ايندو رهندو. هن چيو ته تمام جلد گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ۽ گهڻا ئي سبق سکڻ وارا آهن ڇو ته عوام انهن کي سبق سيکارڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هڪٻئي جو پيٽ چيري عوام جي لٽيل دولت پيٽ مان ڪڍڻ وارا شريف ۽ زرداري اڄ هڪٻئي سان ٺاهه ڪري رهيا آهن ڇو ته اهي پي ٽي آءِ جي تبديلي مان ڊنل آهن اهي رڳو عوام کي لٽڻ لاءِ آهن انهن کي عوامي مفادن جي فڪر ناهي. هن چيو ته حڪومتون اچڻ وڃڻ واريون آهن اسان پنهنجي اصولي موقف تي ڪاربند رهنداسين جڏهن عوام گڏجي ويو ته پوءِ ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي خوف جا ڪڪر لهڻ وارا آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ رڳو هڪ پي ٽي آءِ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي مفادن لاءِ سياست ڪري ٿي باقي رڳو پنهنجو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ آهن. ان موقعي تي هن لياري مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي ايم پي اي محمد رمضان تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ حڪومت ان معاملي تي ضرور انصاف ڪندي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني ايم اين لال مالهي خطاب ڪندي چيو ته عوام کي خبر آهي ته ووٽ جي ڪيتري اهميت آهي پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل هو ان وقت عمران خان پرڏيهي معاملا حل ڪرڻ لاءِ شاهه محمود قريشي کي ذميواري ڏني جيڪو بهتر نموني اها ذميواري نڀائي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا سان  لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ معاشي طور پاڪستان مستحڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته هتان جي عوام پي ٽي آئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، جنهن تي انهن کي هر نموني سان پريشان ڪيو پيو وڃي انهن تي ايف آئي آر ڪيون پيون وڃن ۽ ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن ظلم جڏهن وڌندو آهي ته ان کي ختم ٿيڻو پوندو آهي هن چيو ته شاهه محمود قريشي ٻڌايو آهي ته ايندڙ مهيني وزيراعظم عمران خان ٿرپارڪر جو دورو ڪندو جنهن مان وڏيون اميدون آهن ۽ هو عمرڪوٽ لاءِ به ريلوي لائين، گيس منصوبو ۽ هيلٿ ڪارڊ جون اسڪيمون ضرور ڏيندو. ان موقعي تي ايم اين اي جئه پرڪاش، ايم اين اي ڊاڪٽر رميش اڪراڻي سميت پي ٽي آئي جا ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *