نيب آرڊيننس ختم، سنڌ اسيمبلي احتساب بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، مخالف ڌر جو بائيڪاٽ

ڪراچي (اين اين آءِ/م.ڊ) سنڌ قومي احتساب آرڊيننس 1999 کي رد ڪرڻ کانپوءِ احتساب جو نئون قانون بڻايو آهي، اربع تي سنڌ اسيمبلي سنڌ احتساب بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، اهو نئون قانون سنڌ احتساب ايڪٽ سڏيو ويندو، اپوزيشن ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، بل جي منظوري دوران اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ صوبي احتسابي ايجنسي قائم ڪئي ويندي ۽ صوبي جو پنهنجو احتساب ڪميشن بڻايو ويندو، صوبي ۾ احتساب عدالتون به قائم ڪيون وينديون، ان ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ نيب يا ڪو ٻيو ادارو مالياتي ڪرپشن يا ڏوهن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو، سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ کي ختم ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991 کي به رد ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ اهي سمورا ڪيس، اسٽاف، اثاثا، سنڌ احتساب ايجنسي کي منتقل ٿي ويندا، احتساب ايجنسي ڪرپشن جي قدمن خلاف شڪايتون ۽ الزام وصول ڪندي ۽ ان جي جاچ ڪندي، سنڌ احتساب ڪميشن 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ چيئرمين، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، احتساب ايجنسي پراسيڪيوٽر جنرل، ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن شامل هوندا، احتساب ڪميشن ڪرپشن جي ڪيسن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي، چيئرمين جي غير حاضري ۾ ڊي جي ڪميشن جو چيئرمين طور ڪم ڪندو. احتساب ڪميشن جي چيئرمين لاءِ پاڪستان جو شهري ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل رکڻ ضروري آهي. ۽ ان حوالي سان احتساب ايجنسي کي سفارشون پيش ڪندي، احتساب ڪميشن ڪرپشن جي نشاندهي ڪندي ۽ ان جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارشون پيش ڪندي، چيئرمين جي غير حاضري ۾ ڊي جي ڪميشن جو چيئرمين رهندو، ڪميشن جا فيصلا اڪثريت جي بنياد تي ٿيندا، جڏهن ته احتساب ايجنسي جا انتظامي اختيار ڊي جي وٽ هوندا، احتساب ڪميشن جي چيئرمين لاءِ پاڪستان جو شهري ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ضروري آهي، سٺي شهريت ۽ ديانتدار ماڻهو کي چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج رهيو هجي يا هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجندڙ جي صلاحيت رکندو هجي يا گريڊ 21 جو سرڪاري ملازم رهيو هجي، چيئرمين جي نامزدگي سنڌ اسيمبلي جي 6 رڪني پارلياماني ڪميٽي ڪندي، جنهن ۾ 3 ميمبر حڪومت مان ۽ 3 ميمبر اپوزيشن مان هوندا، ٻنهي طرفن کان قائد ايوان ۽ اپوزيشن پارلياماني ڪميٽي لاءِ نالا ڏيندا، اسپيڪر ڪميٽي جو سربراهه هوندو، پارلياماني ڪميٽي چيئرمين جي چونڊ اتفاق راءِ سان اڪثريت راءِ سان ڪندي، جيڪڏهن ٻن نالن تي برابر ووٽ هوندا ته اسپيڪر جو ووٽ فيصلي وارو هوندو، چيئرمين جي مقرري 3 سالن تائين هوندي. احتساب ايجنسي جي ڊي جي مقرري لاءِ چيئرمين حڪومت کي 3 نالا تجويز ڪندو، انهن مان ڪنهن هڪ کي سنڌ حڪومت ڊي جي مقرر ڪندي، احتساب ايجنسي ۾ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن، ڊائريڪٽر انٽرنل مانيٽرنگ ۽ ڊائريڪٽر انٽرنل ڪنٽرول به هوندا، ڊپٽي ڊائريڪٽر رينجنل هيڊ هوندا. احتساب ايجنسي جا ايڊيشنل پراسيڪيورٽر جنرل، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل، اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽرن لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل 3 نالا موڪليندو، وڏو وزير انهن مان ڪنهن هڪ کي مقرر ڪندو، سنڌ حڪومت ضرورت موجب صوبي ۾ احتساب عدالتون قائم ڪندي جن جا سربراهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هوندا. انهن ججن جي نوڪري جو مدو 3 سال هوندو، سنڌ انڪوائري اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991 تحت قائم ڪيل عدالتون احتساب عدالتون تصور ڪيون وينديون. سنڌ احتساب ايڪٽ تحت ڪيل ڪاررواين تي قانون هڪ شهادت آرڊير 1984 جي شقن کي به لاڳو ڪيو ويندو، صوبي جي مالياتي معاملن بابت ٿيندڙ ڏوهه يا ڪرپشن تي ڪو به ٻيو ادارو جنهن ۾شامل نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو، احتساب عدالتن کي اهو اختيار هوندو ته اهي ڪرپشن مان حاصل ڪيل رقم جيڪڏهن ڏوهاري واپس ڪئي آهي ته ان جي سزا ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. بل جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ احتساب بل آئين جي مطابق آهي ۽ قومي احتساب آرڊيننس غلط هو، انڪري اسان ان کي منسوخ ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتساب جو هڪ موئثر قانون بڻايو آهي. هن چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) وارا نعوذ بالله خدا بڻيل آهن، انهن ڪرپشن جي وڏن اسڪينڊلز ۾ ڪلين چٽ ڏني. سنڌ احتساب ايڪٽ جنهن کي عدالت ۾ چئليج ڪرڻو آهي ته اهو پنهنجو شوق پورو ڪري. هن چيو ته مان وفاق تي سڀ کان وڌيڪ يقين رکندو آهيان. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهي ڳالهيون اڄ اربع ڏينهن سنڌ احتساب بل 2017ع تي بحث دوران خطاب ڪندي ڪيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بل تي مخالف ڌر جي سمورن اعتراضن کي رد ڪندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 142 بي تحت صوبا ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪري سگهن ٿا، سنڌ احتساب بل تي ڪو اعتراض نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته صوبا انهن مامرن تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهجن، جيڪي وفاقي ليجيسليٽو لسٽ ۾ شامل آهن ۽ ڪرپش جو مامرو ان لسٽ ۾ شامل نه آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 143 تحت صوبن کي قانونسازيءَ کان نه ٿو روڪي سگهجي. هن چيو ته اسان فوجداري قانون تي قانونسازي نه پيا ڪريون، جڏهن ته فوجداري قانون تي وفاق ۽ صوبا ٻئي قانونسازي ڪري سگهن ٿا، پر آئين تحت وفاقي قانون مقدم هوندو. هن چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته وفاقي حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اقوام متحده جي ڪنوينشن تي صحيح ڪئي آهي انڪري صوبا ان تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهن. وفاقي حڪومت اقوام متحده جي ڪيترن ئي ڪنوينشنز تي صحيحون ڪيون آهن، پر انهن معاملن بابت صوبن آئين تحت قانونسازي ڪئي آهي، جهڙي طرح وفاقي حڪومت ليبر بابت اقوام متحده جي ڪنوينشن تي صحيح ڪيل آهي پر ان حوالي سان صوبن قانونسازي ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ احتساب ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري سنڌ حڪومت جو ڪم نه آهي. ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر تي ٻڌل ٽي سرڪاري ميمبر ۽ ٽي مخالف ڌر جا ميمبر شامل هوندا جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ستون ميمبر هوندو. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي نيتن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان وفاق تي سڀ کان وڌيڪ يقين رکندو آهيان. هن چيو ته سنڌ حڪوتم وفاق کي پابندي لاڳو ٿيل تنظيم ۽ دهشتگرديءَ جي تربيت ڏيندڙ مدرسن جا نالا فراهم ڪيا ته وفاقي حڪومت ان تي جيڪو ردعمل ظاهر ڪيو اهو تمام افسوسناڪ آهي، وفاقي حڪومت اسان کي چيو ته اوهان ڪير آهيو دهشتگردن جي نشاندهي ڪندڙ. هن چيو ته مخالف ڌر وارا مخالفت براءِ مخالفت تحت جيڪو زبان تي ايندو آهي چئي ڏيندا آهن، جڏهن ڪا ڳالهه نه بڻجندي آهي ته وفاق ۽ ٻيون ڳالهيون شروع ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اهو ئي احتساب بيورو (نيب) آهي، جنهن آر او پلانٽس کي ڪيلن چٽ ڏئي ڇڏي آهي. ٽريڪٽرز جي خريداريءَ ۾ ڪرپشن جي وڏي اسڪينڊل ۾ به نيب ڪلين چٽ ڏني آهي. هن چيو ته جن ٽيڪٽرز تي سنڌ حڪومت سبسڊي ڏني، اهي ئي ٽريڪٽرز پنجاب ۾ به رجسٽرڊ هئا. وڏي وزير چيو ته نيب وارا ڏهه ارب وصول ڪري اڍائي ارب رپيا پنهنجي کيسي ۾ وجهندا آهن. هن چيو ته نعوذ بالله نيب وارا خدا بڻيل آهن، نيب ڪنهن معاملي ۾ هٿ وجهي ته پوءِ ڪوبه کاتو ان تي جاچ پڙتال نٿو ڪري سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر وارا سنڌ احتساب ايڪٽ کي عدالت ۾ چئليج ڪرڻ چاهن ٿا ته اهي پنهنجو شوق پورو ڪن. هن چيو ته خيبر پختون خواهه ۾ به احتساب ايڪٽ بڻايو ويو آهي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ان احتساب ايڪٽ جي توسيع ڪري ڇڏي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *