نوي جي ڏهاڪي جا ترقياتي ڪم جاري رهن ها ته اڄ پاڪستان ايشين ٽائيگر هجي ها: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف ڪويت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پهرين دور ۾ پاڪستان کي ڪيتريون ئي ترقيءَ جون راهون ڏيکاريون، هن چيو ته پاڪستانين کي درپيش مسئلن تي ڪويت جي امير سان ڳالهيون ڪنداسين، هن چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ جي ترقي رڪجڻ سان دهشتگردي وڌي. مون 7 سال جلاوطني ڪاٽي، سببن جو اڄ به پتو ناهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڀڄ ڊڪ ڪندو آهي، ڪاميابي ان جو حق آهي، نوي جي ڏهاڪي جا ترقياتي ڪم جاري رهن ها ته اڄ پاڪستان ايشين ٽائيگر هجي ها، وزيراعظم نواز شريف چيو ته پي ايس ايل ڪامياب طريقي ڪرائڻ ۾ ڪرڪيٽ جي فتح آهي، پاڪستان ۾ توانائي جا منصوبا تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن، هن چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ جي ترقي رڪجڻ سبب بيروزگاري وڌي، آمراڻي دور ۾ ملڪي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ٿيندڙ هنگاما ختم ٿي ويا آهن، اڄ ملڪ ۾ ايل اين جي سان بجلي جا ڪارخانا لڳائي رهيا آهيون، هن چيو ته مصوبن جي تيز رفتاري خان مڪمل ٿيڻ جو چيني دوست به اعتراف ڪري رهيا آهن، 2018 کان ملڪ ۾ سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي. نواز شريف چيو ته پاڪستان عراق سان جنگ ۾ ڪويت جي گهڻي مدد ڪئي، ڪويت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪيترين سياسي جماعتن مخالفت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *