نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت، 15 ڄڻا زخمي

نوشهروفيروز (نمائندو) نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. درگاهه نانگو شاهه وٽ ڪوهاٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪوهيڙي سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 18 مسافر سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد ڳوٺاڻن ۽ پوليس زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو جتي 45 ورهين جي خوش رانا بيبي، 5 ورهين جي مريم ۽ 9 ورهين جو حسيب زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا. حادثي ۾ ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سول اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي سبب اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آهي، جن ۾ ۾ ڪلثوم، فاروق، رفيق، رئوف، شبانا، گل مير، سميرا، زرقا، گلزار بيبي ۽ ٻيا شامل آهن. حادثي بعد ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته پوليس گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *