نوشهروفيروز لڳ مسافر ڪوچ ڪلٽي، 3 مسافر فوت، 15 زخمي

نوشهروفيروز (اين اين آءِ) قومي شاهراهه تي سڏوجا ويجهو ڊائيور جي اک لڳڻ سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 15 زخمي ٿيا حادثي کان پو3 ڊرائيور ۽ ڪنڊيٽر فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تفصيل موجب مسافر ڪوچ ڊيرا عازي خان کان ڪراچي وڃي رهي هئي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي مورو ۽ نوشهروفيروز جي استپال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ حادثي سبب اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي زخمين ۾ سرفراز احمد، سجاد احمد لغاري، شهزاد حسين، سقلين مستوئي ياسر سواتي، نياز مستوئي فياض حسين شگفته، فاطمه، اسحاق، سقلين، شازيه ۽ ٻيا شامل آهن فوتي مسافر قاري حافظ، غلام قادر تبسم، ۽ بلال جو لاش مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻن ڄڻن جا مڙهه نوشروفيروز منتقل ڪيا ويا پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي فرار ٿي ويل ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *