
ڪوٽڙي (رپورٽر) نوري آباد ڀرسان حادثي ۾ مورو واسي 2 ڀائر فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سُپر هاءِ وي وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مورو واسي 2 ڀائر وزير علي ۽ الهڏنو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا تحصيل جتوئي، عرفان ملاح ۽ نثار احمد زخمي ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڄامشورو اسپتال منتقل ويو. ڪار سوار موري کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.