نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي ، قرنطينه منتقل

ممبئي (شوبز نيوز)ڪينيڊا ڄائي بالي ووڊ اداڪارا، ڊانسر ۽ ماڊل نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي پيغام ۾ نورا فتحي ٻڌايو ته مان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهيان ۽ هاڻ قرنطينه ۾ آهيان.هن ٻڌايو ته وائرس جا مون تي شديد اثر پيا آهن، جنهن سبب ڪجهه ڏينهن کان بستري تي آهيان، هن وقت ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهيان ۽ صحتياب ٿي رهي آهيان.اداڪارا مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي احتياط ڪن ۽ ماسڪ ضرور پائن، ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجندو آهي ۽ هر ڪنهن تي مختلف انداز ۾ اثر ڇڏيندو آهي، مون تي ان جا سخت اثر پيا آهن، اهو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري احتياط ڪيو، ڇو ته صحت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *