نوجوان نسل پاڪستان جو قيمتي اثاثو ۽ تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي، قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور مدد ڪنداسين، آءِ ايس پي آر موجب ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪاليجن جي 40 شاگردن تي ٻڌل وفد آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات چيف آف آرمي اسٽاف يوٿ انڪريجمينٽ پروگرام جو حصو هئي، پاڪ فوج جي سربراهه شاگردن سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، هن شاگردن تي زور ڀريو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۽ بلند ترين حدف مقرر ڪري قومي سالميت ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، آرمي چيف اهو پهه ڪيو ته تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي ۽ قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي ڀرپور مدد ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *