نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا دنيا جي ٻئين سڀ کان مقبول عورت قرار

لنڊن(م.ڊ) پاڪستان ۾ نارين جي تعليم لاءِ  جدوجهد ڪندڙ ۽ نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي دنيا جي ٻئين سڀ کان مقبول عورت بڻجي وئي آهي، برطانوي اداري يوگوو طرفان دنيا جي مقتول ترين عورتن ۽ مردن جي چونڊ لاءِ عالمي سروي ڪرايو ويو جنهن ۾ 23 ملڪن جي 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو سروي دوران هالي ووڊ اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي سفير انجلينا جولي کي دنيا جي مقبول ترين عورت قرار ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻارڙين جي تعليم لاءِ آواز اٿاري پوري دنيا ۾ نالو ٺاهيندڙ ملالا يوسفزئي ٻئين نمبر تي آهي دنيا جي مقتول ترين عورتن جي فهرست ۾ برطانيه جي راڻي الزبيٿ، جرمني جي چانسلر انجيلا مرڪل، اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن ۽ ڀارتي اڳواڻ سونيا گانڌي به شامل آهي، سروي تحت مردن ۾ سڀ کان مقبول شخص جو خطاب مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس کي ڏنو ويو جڏهن ته انجلينا جولي جو مڙس ۽ هالي ووڊ اسٽار بريڊ پٽ جو 13 هون نمبر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *