نوان صوبا ته ضرور ٺهندا، سنڌ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ 3 نوان صوبا ٺاهي ڏيکارينداسين: بابر غوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر بابر خان غوري چيو آهي ته جيئڻ مرڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو نوان صوبا ته ضرور ٺهندا سنڌ ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ 3 نوان صوبا ٺاهي ڏيکارينداسين خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بابر غوري چيو ته نوان صوبا ٺاهيا وڃنها ته بنگلاديش پاڪستان کان الڳ نه ٿئي ها نوان صوبا ٺهندا ته سنڌ سميت سڄو پاڪستان ترقي ڪندو ۽ سمورن ماڻهن کي حق ملندا هن چيو ته نه صرف ڪراچي پر سنڌ جي هارين کي وڏيرن کان آزادي ڏيارينداسين جذباتي نفرت وارين تقريرن ۽ مرڻ جيئڻ جي ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو نوان صوبا ضرور ٺاهينداسين ۽ پاڪستان ۾ ئي هي صوبا ٺهندا هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ ئي ڪراچي دشمني ٿي آهي ۽ ان جي حڪومت ڪراچي جو گند کڻندڙ گاڏين کي پيٽرول ته نٿا ڏيئي سگهن هي ڪراچي وارن کي ڪهڙا حق ڏيندا بابر غوري چيو ته بلاول ڪهڙي منهن سان ڪراچي جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪڏهن ڪراچي تي مڙجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ جي غريب هارين کي غلامي مان نجات اسان ڏيارينداسين بابر غوري جو چوڻ هو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو متروقه زمين جا مالڪ اسان آهيون ۽ هي حق هر قيمت تي وٺنداسين هن چيو ته هاڻي غريب سنڌي جاڳي پيو آهي سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن صوبن سميت سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا لازمي ٺهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *