نواز ليگ پاران وزيراعظم ۽ عثمان بزدار جي گرفتاري جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) نون ليگ جِي ترجمان وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار جِي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ عثمان بزدار جَي هوندي سرڪاري رڪارڊ ٽيمپر ٿي رهيو آهي، بني گالا به اهڙي ريت ريگولرائيز ڪيو ويو، انڪوائري دوران 3 ڀيرا وزير اعظم رهندڙ گرفتار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ عمران خان ڇو نه؟ عطا تاڙ چيو ته ذلفي بخاري کي نوازڻ لاءِ عمران خان جي هدايتن جو ليٽر موجود آهي، ذولفي بخاري جي استعيفيٰ سندن پهرين وڏي ڪاميابي آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چوري لڪائڻ ۽ ڏوهارين کي بچائڻ جو معاملو نه هلندو. جيڪو وزير پريس ڪانفرنس ڪري ٿو اهو ٻڌائي ته ان جو نيب سان ڪهڙو تعلق آهي اسان جي ڪنهن سان جنگ نه آهي ڪڏهن به ڪنهن اداري جي خلاف ناهي ڳالهايو اپوزيشن ليڊر بنا ڪنهن جرم جي 15 مهينا جيل جي سزا ڀوڳي حڪومتي وزيرن تي ڪرپشن جا ڪيس آهن اڄ تائين ڪائي سزا ٿي نه پتو پيو. حڪومت وڃڻ تي هي وزير پهرين رات پهرين جهاز ۾ ملڪ مان ڀڄي ويندا. اڱاري تي شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ماڻهو پئسا ٺاهڻ آيا آهن ڪوئي شخص اهڙو نه آهي جيڪو پئسا نه ميڙيندو هجي نيب چيئرمين کي جواب ڏيڻو پوندو (ن) ليگ چيو ته نيب پراسيڪيوٽر مطابق شهبازشريف جي خلاف ناجائز پئسن سان پراپرٽي ٺاهڻ جو ڪيس نه آهي ٽن سالن کان خبر نه آهي ته شهبازشريف جو ڏوهه ڪهڙو آهي هو 15 مهينا جيل جي سزا ڀوڳي چڪو آهي شاهد خاقان عباسي چيو ته کنڊ جي ڪرپشن ۾ 600 ارب جي ڪرپشن ٿي اڄ تائين نه پتو پيو هر وزير تي ڪرپشن جا ڪيس آهن هاڻي رنگ روڊ ۾ ڪرپشن اچي ويئي آهي هاڻي وري رپورٽ ٺهندي ڳالهيون ٿينديون هن حڪومت جو هڪ به ماڻهو اڄ تائين گرفتار ناهي ٿيو هن چيو ته اسپيشل اسسٽنٽ استيعفا ڇو ڏني ان جو ته حڪومتي کاتي سان تعلق ئي نٿو ٿئي شاهد خاقان ٻڌائي ته احتساب عدالت م ڪيس هلي رهيو آهي ڪوئي ڪرپشن جو الزام نه آهي. پوءِ به سڀ جيل ڀوڳي چڪا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *